پاڪستان جي ثقافت ڏاڍي وڻي وئي آهي، ڊيرن سيمي

پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي چيو آهي ته کيس پاڪستان جي ثقافت ڏاڍي وڻي وئي آهي، گورنر سنڌ جو چوڻ آهي ته هو ڪراچي ڪنگز جو حمايتي آهي پر پشاور زلمي جي ڪاميابي لاءِ به دعاگو آهي.

پشاور زلمي جو ڪپتان ڊيرن سيمي گورنر هائوس ڪراچي پهتو ۽ اتي گورنر عمران اسماعيل سان گڏ ٻوٽو پوکيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊيرن سيمي چيو ته کيس پاڪستان جي ثقافت پسند اچي وئي آهي، هن برياني، مڇي ۽ ٻيا کاڌا کائي ڏاڍو انجواءِ ڪيو آهي.

ڊيرن سيمي مداحن کي اپيل ڪئي ته اهي پشاور زلمي جي ڪاميابي لاءِ دعا ڪن.

ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته هو ڪراچي ڪنگز جو حمايتي آهي پر پشاور زلمي جي ڪاميابي لاءِبه دعاگو  آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*