ننڍي چونڊ دوران قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي

آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ۽ ايڊيشنل آءِ جي غلام قادر ٿيٻي چيو آهي ته ننڍي چونڊ دوران قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.

آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ۽ اي آءِ جي غلام قادر ٿيٻي مختلف پولنگ اسٽيشنز جو جائزو ورتو.

ان موقعي تي اي آءِ جي غلام قادر ٿيٻي جو چوڻ هو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

هن چيو ته ڪير ڪنهن جو ووٽر آهي ان جو سندن ڪنهن سان به واسطو نه آهي.

اي آءِ جي جو چوڻ هو ته پوليس سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪيا آهن ڪنهن کي به تنگ ناهي ڪيو ويو.

آءِ جي سنڌ غلام  حيدر جمالي ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ننڍي چونڊ جي موقعي تي سڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته هر هنڌ پولنگ عمل پرامن نموني سان جاري آهي، کين ڪا به شڪايت نه ملي آهي.

غلام حيدر جمالي چيو ته پولنگ اسٽيشنز تي وڌ کان وڌ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته جتي به شڪايت ملي ان جو ازالو ڪيو ويندو جڏهن ته عوام پڻ ساڻن سهڪار ڪري رهيو آهي.

آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته سڪيورٽي لاءِ پوليس انتظام نهايت سخت ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*