اين اي 246 تي ننڍي چونڊ دوران رينجرز ٺپا هڻڻ جي الزام هيٺ ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي جي تڪ اين اي 246 تي ننڍي چونڊ دوران مختلف علائقن ۾ بدنظمي پڻ ڏسڻ ۾ آئي آهي، جڏهن ته رينجرز ٺپا هڻن جي الزام هيٺ ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

عزيز آباد جي هڪ پولنگ اسٽيشن تي ٺپا هڻڻ جي الزام هيٺ رينجرز ٻن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو.

لياقت آباد ۾ ٺپا هڻڻ جي الزام هيٺ هڪ ايجنٽ کي حراست ۾ ورتو ويو.

عزيز آباد ۾ پي ٽي آءِ اميدوار عمران اسماعيل جي آمد جي موقعي تي ايم ڪيو ايم ڪارڪنن سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ڪارڪنن جو چوڻ هو ته کين پولنگ اسٽيشنز اندر وڃڻ نه ٿو ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*