پاڪستان سپر ليگ جي ڪواليفائر مرحلي ۾ اڄ ڪوئيٽا گليڊي ايڊيٽرز ۽ پشاور زلمي جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون

پاڪستان سپر ليگ جي ڪواليفائر مرحلي ۾ اڄ ڪوئيٽا گليڊي ايڊيٽرز ۽ پشاور زلمي جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون، ڪاميابي ماڻيندڙ ٽيم سڌي ريت فائنل ۾ جاءِ ٺاهي وٺندي.

پي ايس ايل ۾ مضبوط ٽيمون سمجهيون ويندڙ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي اڄ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ فائنل جي ڊوڙ ۾شامل ٿيڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور آزمائينديون.

ڪاميابي ماڻيندڙ ٽيم سڌي ريت فائنل ۾ پهچي ويندي پر هارائيندڙ ٽيم کي هڪ موقعو ملندو، جيڪا ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ وچ ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ٽيم سان مهاڏو اٽڪائيندي.

پي ايس ايل فور جي ليگ مرحلي ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز پشاور زلمي خلاف پهرين ميچ ۾ ڇهن وڪيٽن ۽ ٻي ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي هئي، جڏهن ته هڪ ڀيرو ٻيهر ٻئي ٽيمون ڪواليفائر رائونڊ ۾ آمهون سامهون ٿي رهيون آهن.

هيل تائين 12گڏيل مقابلن ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ڇهه ۽ پشاور زلمي پنجن ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته هڪ ميچ برابر ٿي.

پشاور زلمي وٽ مضبوط اوپنگ اٽيڪ ڪامران اڪمل ۽ امام الحق جي صورت ۾ موجود آهن، جڏهن ته لِيام ڊائوسن، ڪيرون پولارڊ ۽ ڊيرن سيمي به ميچ جو پاسو بدلائڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

ان کان علاوه پشاور زلمي وٽ مضبوط بالنگ اٽيڪ پڻ آهي، جنهن ۾ حسن علي سرفهرست آهي، جيڪو  ايونٽ ۾ 21 وڪيٽون وٺي پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته وهاب رياض، ثمين گل، عميد آصف ۽ ٽائملز ملز جهڙا بالرز به موجود آهن، انگلينڊ جي فاسٽ بالر ڪِرس جورڊن به پشاور زلمي جوائن ڪري ورتي آهي.

ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز وٽ شين واٽسن جهڙو وڏو نالو موجود آهي، جيڪو پي ايس ايل فور ۾ 3 سئو 52 رنز سان بيٽسمينن ۾ پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته عمر اڪمل، رائلي روسو، ۽ ڪپتان سرفراز احمد جهڙن بيٽسمينن جون خدمتون به ڪوئيٽا کي حاصل آهن.

ڪوئيٽا وٽ ڊيوائن براوو، انور علي ۽ محمد نواز جهڙا آئل رائونڊر به موجود آهن، جڏهن ته تجربيڪار بالر سهيل تنوير ۽ نوجوان فاسٽ بالر محمد حسنين به ايڪشن ۾ نظر ايندا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*