ٻڌايو وڃي ته 9 ڪلاڪن ۾ 6 هزار کان وڌيڪ ووٽ ڪيئن ڪاسٽ ڪيا ويندا، فاروق ستار

پي ٽي آءِ کان پوءِ ايم ڪيو ايم به ڪراچي جي تڪ اين اي 246 تي ننڍي چونڊ دوران پولنگ جو وقت ٽي ڪلاڪ وڌائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، فاروق ستار جو چوڻ آهي ته سندن هزارين ووٽرز کي پولنگن ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو آهي،کين ٻڌايو وڃي ته 9 ڪلاڪن ۾ 6 هزار کان وڌيڪ ووٽ ڪئين ڪاسٽ ڪيا ويندا.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته هڪ ڪمري ۾ چار بوٿ قائم ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته 100 کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنز تي ووٽنگ جو عمل دير سان شروع ٿيو جنهن سبب ٽي ڪلاڪ وقت وڌايو وڃي.

فاروق ستار جو چوڻ هو ته هڪ وقت هڪ ووٽر وڃي رهيو آهي ته پوءِ هر پولنگ ۾ چار بوٿ ڇو قائم ڪيا ويا آهن.

ايم ڪيو  ايم اڳواڻ چيو ته ڪيترن ئي پولنگن تي مردن ۽ عورتن احتجاج ڪيو آهي.

هن چيو ته موڪل نه هجڻ باوجود ماڻهن جون قطارون لڳل آهن، هڪ هڪ ڪلاڪ ۾ هڪ هڪ ووٽ ڪاسٽ ڪيو پيو وڃي.

فاروق ستار جو چوڻ هو ته  ووٽر جي تصديق جو مرحلو ڊگهو ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته پولنگ جي عمل کي سست ڪري سندن ڪاميابي جي مارجن کي گهٽايو پيو وڃي.

فاروق ستار جو چوڻ هو ته  ننڍي چونڊ باوجود  وڏو ٽرن آئوٽ نظر اچي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*