وزيراعظم نواز شريف جو سعودي عرب جو دورو يمن صورتحال تي مشاورتي عمل جو حصو آهي، پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم

پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم، چيني صدر جي دوري دوران ڀارتي ميڊيا جي رپورٽنگ تي تبصري کان انڪار ڪندي چيو آهي ته ڪنهن ملڪ کي ٻن ملڪن جي لاڳاپن کي ويٽو ڪرڻ جو اختيار ناهي، پاڪ چين لاڳاپن سان خطي ۾ استحڪام پيد اٿيندو، وزيراعظم نواز شريف جو سعودي عرب جو دورو يمن صورتحال تي مشاورتي عمل جو حصو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم چيو ته يمن جي مسئلي تي پاڪستان جو موقف واضح آهي، ان سلسلي ۾ اعليٰ سطحي وفد اڳ به دورو ڪري چڪو آهي.

هن چيو ته پاڪستان، يمن ۾ سعودي عرب پاران فضائي ڪارروائي روڪڻ جي آجيان ڪري ٿو، اهڙي قدم سان امن قائم ٿيندي ۽ يمن معاملي جو سياسي حل ڪڍڻ ۾ مدد ملندي.

پرڏيهي ترجمان، ڀارت جو نالو وٺڻ کانسواءِ چوندي چيو ته ڪنهن ملڪ کي ٻين ملڪن جي لاڳاپن ۾ مداخلت جو اختيار ناهي، هوءَ چيني صدر جي دوري دوران ڀارتي ميڊيا جي رپورٽنگ تي تبصرو نه ڪندي.

ڪشمير بابت سوال جي جواب ۾ پرڏيهي ترجمان چيو ته  پاڪستان بيگناهه ڪشميرن تي ظلم جي مذمت ڪري ٿو، ڪشميرين جي سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکي ويندي، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ٿيڻ گهرجي.

 ڀارتي ڪوسٽ گارد پاران پاڪستاني ٻيڙي پڪڙڻ بابت سوال جي جواب ۾ پرڏيهي ترجمان چيو ته ان سلسلي ۾ دهلي ۾ پاڪستاني سفارتخانو ڀارتي اختيارين سان رابطي ۾ آهي، جيڪڏهن ڀارت ڪا ٻيڙي پڪڙي آهي ته کين آگاهه ڪرڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*