جڊيشل ڪميشن عام چونڊن ۾ ڌانڌلين جي الزامن تي مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

جــُڊيشل ڪميشن، عام چونڊن ۾ ڌانڌلين جي سنگين الزامن تي حڪمران جماعت مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم کي نوٽيس جاري ڪندي هڪ هفتي اندر جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،  جڏهن ته ڪميشن سياسي پارٽين کي ڌانڌلين جا ثبوت ۽ دستاويز جمع ڪرائڻ لاءِ ٻـِن ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

چيف جسٽس، جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني جڊيشل ڪميشن عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ بابت ڪارروائي هلائي.

جـُڊيشل ڪميشن جي هدايت تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جواب داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي الزامن کي رد ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته عام چونڊن ۾ بيلٽ پيپر اردو بازار مان نه ڇپرايا ويا، اليڪشن دوران استعمال ٿيل چقمقي مس جي به مختلف ادارن کان چڪاس ڪرائي وئي هئي.

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته عام چونڊن ۾ ڌانڌلين بابت تحريڪ انصاف جي الزامن ۾ ڪا به صداقت ناهي.

نادرا پاران به جڊيشل ڪميشن جي هدايت تي 37 تڪن بابت فرازنڪ رپورٽ جمع ڪرائي وئي.

تحريڪ انصاف پاران ليگل ڪميٽي جي سربراهه به ڌانڌلين جا ثبوت جمع ڪرائيندي چيو ته ثبوت مان ظاهر ٿئي پيو ته وڏي پئماني تي ڌانڌلي ڪئي وئي آهي.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا ن ليگ جو هتي ڪو نمائندو موجود آهي، جيڪو جڊيشل ڪميشن ۾ نمائندگي ڪندڙ هجي، ٻڌايو وڃي ته منظم ڌانڌلي جي ڊيزائن ڇا هئي، ڌانڌلي جو پلان ڪنهن ٺاهيو ۽ عمل ڪيئن ٿيو، ان سڀني سوالن جو جواب ڏيڻو پوندو.

 تحريڪ انصاف پاران ن ليگ کي ڌر بڻائڻ جي درخواست ڪئي وئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پارٽين تي ڌانڌلين جا سنگين الزام لڳايا ويا آهن، ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ کي نوٽيس جاري ڪيا ويندا.

چيف جسٽس چيو ته ضرورت پوڻ تي ڊيڊلائين جي بعد ۾ ثبوت ۽ شاهدن کي طلب ڪيو ويندو، نادرا جي رپورٽ ۾ رزلٽ جا تفصيل موجود آهن، ڇا ان جو جائزو ورتو وي.

پي ٽي آءِ جي حفيظ پيرزادي چيو ته پي ٽي آءِ ڪافي ثبوت جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، جنهن مان ثابت ٿي رهيو آهي ته اليڪشن قانون موجب ناهن ٿيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*