پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرتارپور راهداري  بابت پرڏيهي وزارت جي سطح تي ڳالهيون اڄ ٿينديون

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرتاپور راهداري  بابت پرڏيهي وزارت جي سطح تي ڳالهيون اڄ ٿينديون، پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي کاتي جو ترجمان ڊاڪٽر فيصل ڪندو، پاڪستاني وفد ڳالهين بعد واهگا بارڊر تي بريفنگ ڏيندو، پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان اقليتن جي حقن کي تمام گهڻي اهميت ڏيندو آهي، پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي خطي جي امن لاءِ ضروري آهي.

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرتار پور راهداري منصوبي تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پاڪستاني وفد به ڳالهين لاءِ واهگا بارڊر پهچي ويو آهي.

گذريل ڏينهن ڪرتارپور راهداري ڳالهين لاءِ پاڪستان جو نائب هاءِ ڪمشنر سيد حيدر شاهه ڀارتي شهر امرتسر پهچي ويو هو ۽ اڄ پرڏيهي کاتي جي ترجمان جي قيادت ۾ 18 رڪني وفد اڄ ڳالهيو ڪندو.

ملاقات ۾ ڪرتار پرو راهداري بابت پاڪستاني ويندڙن لاءِ ويزا ڇوٽ جي معاملي تي ڳالهيون ڪندو.

ڀارت روانگي کان اڳ پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته اسان هاڪاري پيغام کڻي ڀارت وڃي رهيا آهيون ۽ اميد آهي ته ڀارت به قدم اڳتي وڌائيندو.

هن چيو ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪرتارپور راهداري بابت ڳالهين لاءِ ڀارت به وڃي رهيو آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، ڪرتار پور راهداري کُلڻ سان سکه برادري کي سهولت ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ امن به قائم ٿيندو.

ڊاڪٽر فيصل چيو ته اسان جي سوچ آهي ته هڪ ٻوٽو اهڙو لڳايو وڃي، جنهن سان پاڙيسري جي گهر ۾ به ان جي ڇانوءَ پوي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ته پاڪستان اقليتن جي حقن کي تمام گهڻي اهميت ڏيندو آهي، پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي خطي جي امن لاءِ ضروري آهي.

ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڪرتار پور راهداري منصوبي جي پيڙهه جو پٿر 20 نومبر 2018 تي رکيو ويو هو ۽ منصوبو نومبر 2019 ۾ پورو ٿي ويندو.

واضح رهي ته ڪرتار پور راهداري منصوبو هن سال آڪٽوبر ۾ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، راهداري منصوبي ۾ راوي درياهه تي پل ۽ ساڍا چار  ڪلو ميٽر روڊ شامل آهي.

ذريعن موجب، درياهه تي پُل ۽ روڊ جي تعمير جو  50 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ منصوبو نومر ۾ ٿيندڙ بابا گرو نانڪ جي 551 هين ورسي کان اڳ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي.

ٻئي طرف ڀارت پنهنجي هوڏ برقرار رکندي ڪرتار پور راهداري منصوبي تي ڳالهين کي ڪوريج ڪرڻ لاءِ پاڪستاني صحافين کي ويزا جاري نه ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*