پاڪستان سپر ليگ جـَي چوٿين ايڊيشن جي ڪواليفائر ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز پشاور زلمي کي 10 رنز تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي

پاڪستان سپر ليگ جـَي چوٿين ايڊيشن جي ڪواليفائر ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز پشاور زلمي کي 10 رنز تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي.

نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي ٽاس کٽي سرفراز اليون کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.

ڪوئيٽا پاران شين واٽسن ۽ احمد شهزاد اننگ جي شروعات ڪئي پر احمد شهزاد ٻي اوور ۾ رڳو هڪ رنز ٺاهي ملز جي بال تي بولڊ آئوٽ ٿيو.

شين واٽسن 43  بالز تي ڇهن ڇڪن ۽ پنجن چوڪن جي مدد سان 71 رنز ٺاهيون، جڏهن ته احسن علي به 32 بالن تي ٻن ڇڪن ۽ چئن چئوڪن جي مدد سان 46 رنز جي اننگ کيڏي.

پشاور زلمي پاران وهاب رياض ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، حسن علي، ملز، ثمين گل ۽ پولارڊ هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي هدف جي تعاقب ۾ پشاور زلمي جي 41 رنز جي مجموعي اسڪور تي ڪامران اڪمل 22 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، جنهن بعد وڪيٽون ڪرنديون رهنديون ۽ 90 رنز جي مجموعي اسڪور تي اڌ ٽيم پويلين موٽي وئي.

ڪپتان ڊيرن سيمي ۽ ڪيرون پولارڊ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽيم کي مقابلي جي پوزيشن ۾ پهچايو.

پشاور زلمي کي آخري اوور ۾ 21 رنز گهربل هيون ته شين واٽسن ڪيرون پولارڊ کي 44 رنز تي بولڊ ڪري ميچ جو پاسو بدلائي ڇڏيو ، جڏهن ته ڊيرن سيمي 46 رنز تي رن آئوٽ ٿيو .

ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز  10 رنز  سان ڪاميابي ماڻي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي، ڪوئيٽا هيل تائين 3 ڀيرا فائنل ۾ پهچي چڪي آهي پر  ٽائٽل ناهي کٽي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*