آمريڪا به بوئنگ 737 ميڪس جهازن جي وڌندڙ حادثن سبب جهازن تي پابندي لڳائي ڇڏي

آمريڪا به بوئنگ 737 ميڪس جهازن جي وڌندڙ حادثن سبب جهازن تي پابندي لڳائي ڇڏي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جهازن کي گرائونڊ ڪرڻ واري حڪم بعد فيڊرل ايوي ايشن اٿارٽي هنگامي حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سڄي دنيا ۾ بوئنگ 737 جهازن جي وڌندڙ حادثن کي ڏسندي يورپ سميت ڪيترن ئي ملڪن جهازن تي پابندي لڳائي آهي، جنهن بعد آمريڪا به انهن جهازن جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ميڪس جهاز کي گرائونڊ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد فيڊر ايوي ايشن اٿارٽي هنگامي حڪم نامو جاري ڪيو آهي.

واشنگٽن ۾ فيڊرل ايوي ايشن انتظاميا جو چوڻ آهي ته حادثا ڇو ٿي رهيا آهن ۽ اهي حادثا ڪهڙي حالتن ۾ ٿيا، انهن تي غور ڪيو پيو وڃي.

آمريڪي ايوي ايشن اٿارٽي موجب، حادثي واري جاءِ تان هٿ آيل ثبوتن ۽ سيٽلائيٽ مان حاصل ڪيل ڊيٽا کي ڏسڻ بعد جهازن کي گرائونڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ايٿوپيا ۾ نيروبي ويندڙ بوئنگ 737 ميڪس جهاز ڪري تباهه ٿي ويو هو، جنهن ۾ 157 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا. جڏهن ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ اهڙي ماڊل جو جهاز انڊونشيا ۾ حادثي جو شڪار ٿيو، جنهن ۾ 189 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.

بوئنگ جهازن جي حادثن سبب ڀارت، چين ۽ ٻين ملڪن بوئنگ جهازن کي گرائونڊ ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارت طرفان به ميڪس جهازن کي اڏارڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي،جڏهن ته ڀارت ميڪس جهازن کي پنهنجي فضائي حدون استعمال ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*