سنڌ هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪم نه مڃڻ تي ملير جي ايس ايس پي رائو انوار جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

سنڌ هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪم نه مڃڻ تي ملير جي ايس ايس پي رائو انوار جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 7 ايڪڙ زمين تي قبضي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت زمين تان قبضي ختم ڪرائڻ وارو حڪم نه مڃڻ تي ايس ايس پي رائو انوار تي سخت ڪاوڙ ظاهر ڪئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ  ملير جي ايس ايس پي رائو انوار جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري  ڪري ڇڏيا.

عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ايس ايس پي کي گرفتار ڪري کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*