مولانا فضل الرحمان سڀاڻي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات ڪندو

جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان سڀاڻي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات ڪندو، جنهن دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، مولانا فضل الرحمان نوازشريف جي طبعيت به معلوم ڪندو.

مارچ اچڻ کانپوءِ اپوزيشن اڳواڻن ۾ ملاقاتن جو سلسلو شروع  ٿي ويو آهي، پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ   (ف) به مسلم ليگ ن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کانپوءِ جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب، مولانا فضل الرحمان سڀاڻي ڪوٽ لکپت جيل ويندو ۽ نوازشريف سان ملاقات ڪندو ۽ سندس طبيعت معلوم ڪندو.

ذريعن موجب، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ۾ نيب ڪيسز سميت ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ به ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*