سپريم ڪورٽ پارڪنگ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کان رڪارڊ طلب ڪري ورتو

سپريم ڪورٽ لاهور پارڪنگ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کان رڪارڊ طلب ڪري ورتو، نيب جي وڪيل عمران الحق چيو ته تاثير احمد بطو رڪمپني سربراهه اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، جنهن سان 80 ملين جو نقصان ٿيو.

جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ لاهور پارڪنگ ڪمپني ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت پڇا ڪئي ته ڇا پارڪنگ سائيٽس جي نيلامي وقت پارڪنگ ڪمپني جي قبضي ۾ هئي؟ ايندڙ ٻڌڻي تي پارڪنگ قبضي بابت سمورو رڪارڊ پيش ڪيو وڃي.

نيب جي وڪيل عمران الحق چيو ته تاثير احمد بطور سربراهه اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، جنهن سان 80 ملين جو نقصان ٿيو.

جسٽس عظمت سعيد پڇا ڪئي ته تاثير احمد خلاف ڪهڙو الزام آهي ۽ پارڪنگ معاهدي ۾ ڪهڙيون بي ضابطگيون  ٿيون آهن؟

جنهن تي جوابدار جي وڪيل چيو ته جڏهن معاهدو ٿيو، تڏهن پارڪنگ سائيٽس ڊسٽرڪٽ حڪومت وٽ هئي، پارڪنگ سائيٽس مان 45 سيڪڙو روينيو قومي ناڻي ۾ آيو.

نيب جي وڪيل چيو ته پارڪنگ جون 246 سائيٽس هيون ۽ سمورو قبضو لاهور پارڪنگ ڪمپني وٽ هو.

جوابدار جي وڪيل چيو ته 246 مان رڳو 33 فائدي وارين سائيٽس تي پارڪنگ شروع ڪئي وئي.

سپريم ڪورٽ لاهور پارڪنگ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کان رڪارڊ طلبڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*