سنڌ هاءِ ڪورٽ ڄام خان شورو جي عبوري ضمانت ۾ 19 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شورو جي عبوري ضمانت ۾ 19 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي، چيف جسٽس احمد علي شيخ رمارڪس ۾ چيو  آهي ته جوابدارن توبهه ڪري ڇڏي  ۽ پلاٽ به واپس ڪري ڇڏيا آهن ته پوءِ اڃا نيب جو ڪهڙو موقف آهي، ايندڙ ٻڌڻي تي نيب جا سينئر آفيسر پيش ٿي عدالت کي آگاهه ڪن.

گذريل ڏينهن نيب جي گرفتاري کان بچي ويل اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شورو  سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ضمانت ۾ واڌ جي درخواست ڏني.

ٻڌڻي دوران ڄام خان شورو جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته لينڊ ڊپارٽمينٽ لکي ڏنو آهي ته سي اين جي اسٽيشن جي زمين ڄام شورو جي ملڪيت آهي پر پوءِ به نيب اڳوڻي صوبائي وزير کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي.

نيب پراسڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته چام خان شورو 262 ايڪڙ سرڪاري زمين ڦٻائي آهي ۽ سندس خلاف جاچ هلي رهي آهي.

عدالت ڄام خان شورو جي عبوري ضمانت ۾ 19 مارچ تائين واڌ ڪندي سمورن جوابدارن جي درخواستن تي ٻڌڻي لاءِ خصوصي بينچ قائم ڪئي.

بينچ چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ جوابدارن جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي.

چيف جسٽس نيب عملدار کي مخاطب ٿيندي چيو ته جوابدارن توبه ڪري ڇڏي آهي ۽ زمين به واپس ڪئي وئي آهي ته پوءِ اڃا نيب جو ڪهڙو موقف آهي؟

چيف جسٽس نيب پراسڪيوتر کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌني تي نيب جا سينئر آفيسر اچي پنهنجي موقف کان عدالت کي آگاهه ڪن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ به ڄام خان شورو جي عبوري ضمانت ۾ به واڌ ڪندي کيس 5 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*