سپريم ڪورٽ ڊگرين واري ڪيس ۾ اٽارني جنرل ۽ ايڇ اي سي کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو

سپريم ڪورٽ خانگي يونيورسٽين ۽ ڊگرين واري ڪيس ۾ اٽارني جنرل پاڪستان ۽ ايڇ اي سي کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو، جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته تعليمي سيڪٽر تباهه ٿي رهيو آهي، حڪومت ان معاملي کي ڇو نه ٿي ڏسي، هڪ نسل تباهه ٿي چڪو آهي، ٻيو لائن ۾ لڳل آهي.

جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ خانگي يونيورسٽين ۽ ڊگرين واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته تعليمي سيڪٽر تباهه ٿي رهيو آهي، حڪومت ان معاملي کي ڇو نه ٿي ڏسي؟

جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته يونيورسٽين جي مشروم گروٿ ٿي رهي آهي، ڊگريون وڪرو ڪيون پيون وڃن، نسل تباهه ٿي رهيا آهن.

جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ نسل تباهه ٿي چڪو آهي، ٻيو لائن ۾ لڳل آهي.

جسٽس گلزار احمد  چيو ته پرسٽن يونيورسٽي جو مين ڪيمپس ڪوهاٽ ۾ آهي ۽ بورڊ وري مون ڪراچي ۾ ڏٺو، يونيورسٽيون مشروم جيان نڪري رهيون آهن.

جسٽس گلزار احمد چيو ته سنڌ يونيورسٽي سان جڙيل ڪاليج وري فيصل آباد ۾ کوليو ويندوآ هي، اهڙو معاملو مون پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڏٺو آهي.

جسٽس گلزار احمد چيو ته الخير يونيورسٽي ايڪزيڪٽ وارو ڪم ڪري رهي آهي، اهو مسئلو عدالتن ۾ آڻڻ سان حل نه ٿيندو.

سپريم ڪورٽ ايڇ اي سي کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

عدالت اٽارني جنرل کي طلب ڪندي چيو ته جيڪي سوال پڇيا ويا آهن، ايڇ اي سي ان تي جواب جمع ڪرائي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*