پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن ۽ خاص طور تي وڏي وزير جي پگهارن ۾ واڌ تي تمام گهڻي مايوسي ٿي آهي، وزيراعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن، وزيرن ۽ خاص طور تي وڏي وزير جي پگهارن ۾ واڌ تي تمام گهڻي مايوسي ٿي آهي، جڏهن پاڪستان ۾ خوشحالي ايندي، تڏهن ئي اهڙي قسمن جا قدم کڻڻ جو جواز بڻبو آهي، هن وقت اسان وٽ وسيلا نه آهن.

پنهنجي جاري ڪيل ٽوئيٽ پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پنجاب اسيمبلي جي فيصلي ۽ ايم پي ايز جي پگهارن ۾ واڌ تي مون کي تمام گهڻي مايوسي ٿي آهي.

وزيراعظم چيو ته ، جڏهن پاڪستان ۾ خوشحالي ايندي، تڏهن ئي اهڙي قسمن جا قدم کڻڻ جو جواز بڻبو آهي.

عمران خان چيو ته هن وقت اسان وٽ ماڻهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ به وسيلا نه آهن، جنهن سبب اهڙو عمل نامناسب آهي.

گذريل ڏينهن پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ وارو بل منظور ڪيو ويو هو، بل جي منظوري بعد ايم پي اي جي پگهار ۽ سهولتون 83 هزار کان وڌائي 2 لک تائين ڪيون ويون هيون، جڏهن ته بنيادي پگهار 18 هزار کان 80 هزار ۽ ڊيلي الائونس هڪ هزار کان چار ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*