پاڪستان ۽ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ گهتتائي خطي ۾ امن لاءِ ضروري آهي، ڊاڪٽر فيصل

پرڏيهي کاتي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ گهتتائي خطي ۾ امن لاءِ ضروري آهي، ڪرتارپور راهداري کلڻ سان سک برادري کي سهولتون ملڻ سان گڏ خطي ۾ امن وارين ڪوششن کي به هٿي ملندي

واهگه بارڊر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته اڄ ڪرتاپور راهداري تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، هن راهداري سان نه رڳو سکهه برادري کي سهولت ملندي پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ امن به ٿيندو.

هن چيو ته اسان جي سوچ آهي ته هڪ وڻ اهڙو لڳايو وڃي جنهن جي ڇانو پاڙيسڙي جي گهر ۾ به وڃي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته، اسان جي ميٽنگ ڪرتاپور راهداري کولڻ بابت آهي، اسان ڳالهين لاءِ هاڪاري پيغام کڻي وڃي رهيا آهيون.

ڊاڪٽر محمد فيصل ٻڌايو ته منصوبي جو سنگ بنياد 20نومبر 2018 تي رکيو ويو ۽ مڪمل نومبر 2019 ۾ مڪمل ٿي ويندو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان  چيو ته راهداري منصوبي درياءُ راوي تي پُل ۽ ساڍا چار ڪلو ميٽر روڊ شامل آهي.

ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ گهتتائي خطي ۾ امن لاءِ ضروري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*