پنجاب جي وڏي وزير ۽ ميمبرز جا پاڻ کي نوازڻ وارا قدم وزيراعظم جي پاليسي جي ابتڙ آهن، فواد چوڌري

وزيراعظم پاران پگهارن ۾ واڌ واري معاملي تي مايوسي جو اظهار ڪرڻ بعد سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري يوٽرن وٺندي چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير ۽ ميمبرز جا پاڻ کي نوازڻ وارا قدم وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت جي پاليسي جي ابتڙ آهن، صمصام بخاري چيو ته اسيمبلي ميمبرز جي پگهارن ۾ واڌ غلط عمل آهي.

پنجاب اسيمبلي جي پگهارن واري معاملي تي وزيراعظم جي مايوسي وارو بيان سامهون ايندي ئي پنجاب اسيمبلي جي ميمبرز جون پگهارون وڌائڻ جي حمايت ڪندڙ وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ صوبائي وزير صمصام بخاري يوٽرن وٺي ڇڏيو آهي.

فواد چوڌري جو چوڻ هو ته پنجاب جي وڏي وزير ۽ ميمبرز جا پاڻ کي نوازڻ وارا قدم وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت جي پاليسي جي ابتڙ آهن.

فواد چوڌري چيو ته، اهڙي عمل سان پي ٽي آءِ جي پاليسي جو مذاق اڏايو ويو  آهي.

پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير صمصام بخاري به موقف تبديل ڪندي پگهارن ۾ واڌ کي سادگي واري پاليسي جي ابتڙ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير صمصام بخاري چيو ته اسيمبلي ميمبرز جي پگهارن ۾ واڌ غلط عمل آهي، سادگي واري مهم تي هلڻ ايجنڊا ۾ شامل  آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*