پنجاب جي گورنر چوڌري سرور وزيراعظم سان مشاورت کانپوءِ ميمبرن جي پگهار واري بل جي منظوري ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

پنجاب جي گورنر چوڌري سرور وزيراعظم سان مشاورت کانپوءِ ميمبرن جي پگهار واري بل جي منظوري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڊپٽي اسپيڪر  دوست محمد مزاري پنجاب اسيمبلي پگهارن ۾واڌ کي درست قرار  ڏيندي چيو  آهي ته مهانگائي وڌيڪ آهي،پگهارن ۾ واڌ وارو قدم صحيح آهي.

پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ وارو معاملو هاڻ پنجاب جي گورنر جي هٿ۾ اچي ويو آهي.

پنجاب جي گورنر جي صحيح بعد پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جون پگهارون وڌي وينديون.

ذريعن موجب،  پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور پاران بل تي صحيح کان اڳ وزيراعظم سان مشاورت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب، هن وقت تائين پنجاب جي گورنر بل تي صحيح نه ڪئي آهي، آئيني طور گورنر ڏهن ڏينهن اندر بل ٻيهر اسيمبلي ۾ واپس موڪلي سگهي ٿو.

ٻئي طرف   پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر  دوست محمد مزاري پنجاب اسيمبلي پگهارن ۾واڌ کي درست قرار  ڏيندي چيو  آهي ته مهانگائي وڌيڪ آهي،پگهارن ۾ واڌ وارو قدم صحيح آهي.

دوست محمد مزاري چيو آهي ته، تڪ جي ماڻهن ۽ ملازمن جو خرچ برداشت ڪرڻو پوي ٿو، بل اسيمبلي ميمبرز جي مطالبي تي منظور ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*