روس يوڪرين ۾ عليحدگي پسندن کي عسڪري تربيت ڏئي رهيو آهي، آمريڪي پرڏيهي وزارت

يوڪرين ۾ عارضي جنگبندي واري معاهدي بعد آمريڪا روس تي الزام مڙهيو آهي ته هو يوڪرين جي علائقن ۾ فضائي نگراني جو نظام جوڙي رهيو آهي جيڪو عارضي امن معاهدي جي خلاف ورزي آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته روس عليحدگي پسندن کي عسڪري تربيت ڏئي رهيو آهي ۽ سرحدي علائقن ۾ فوجين جو انگ به وڌي رهيو آهي جڏهن ته آمريڪي الزامن جي ڪريملن پاران ڪو به ردعمل سامهون نه آيو آهي.

ٻئي پاسي اترئين يوڪرين ۾ روس نواز باغين ۽ حڪومتي فوج وچ ۾ عارضي جنگبندي جو معاهدو هلندڙ سال فيبروري ۾ ٿيو هو،يوڪرين جو چوڻ آهي ته روس يوڪرين ۾ باغين کي هٿيار فراهم ڪري رهيو آهي ۽ سرحد تي فوجي موڪلي رهيو آهي جڏهن ته ماسڪو اهڙن الزامن جي ترديد ڪندو رهيو آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته روس ۽ عليحدگي پسند فورسز يوڪرين جي علائقن ۾ هٿيار ۽ راڪٽ لانچر نصب ڪري امن معاهدي جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهن.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته روس نواز باغين جي تربيت ۾ اضافي سان خبر پوي ٿي ته ان ۾ روس ملوث آهي ۽ روس يوڪرين جي سرحد تي پنهنجي فوج جي انگ ۾ اضافو آڻي رهيو آهي.

واضح رهي ته هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ 3 سو آمريڪي فوجين اترئين يوڪريني علائقن ۾ حڪومتي فوج کي تربيت ڏئي رهيا آهن جنهن تي روس جو چوڻ آهي ته اهڙن قدمن سان يوڪرين ۾ عدم استحڪام ۾ اضافو ٿيندو.

گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته گذريل سال اپريل کان شروع ٿيندڙ ان بحران ۾ هاڻي تائين 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*