سنڌ هاءِ ڪورٽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾  پيپلز پارٽي اڳواڻ ساجد جوکيو  جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾  پيپلز پارٽي اڳواڻ ساجد جوکيو  جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي، نيب عدالت کي آگاهي ڏني آهي ته ڪرپشن  جا 5 ڪروڙ رپيا پي آرڊر ذريعي ساجد جوکيو جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيا ويا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پ پ اڳواڻ ساجد جوکيو، پورهيت اڳواڻ ڪموس گل خٽڪ ۽ ٻين جي ڪاٺوڙ ۾ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي زمين غير جي قانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ ضمانت بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران نيب پاران پورهيت اڳواڻ ڪموس گل خٽڪ خلاف ثبوت پيش نه ڪرڻ تان عدالت سندس ضمانت منظور ڪري ورتي.

چيف جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ۾ چيو ته هو ننڍپڻ کان ڪموس گل جون تقريرون ٻڌنا رهندا هئا، عجيب ڳالهه آهي ته پورهيت اڳواڻ به هاڻي نيب جي چنبي ۾ آهن، اهڙي حالت ۾ ڪير ڪنهن جو آواز بڻجندو.

 نيب عدالت کي ٻڌايو ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي زمين غير جي قانوني الاٽمينٽ واري رقم مان 5 ڪروڙ رپيا ساجد جوکيو جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيا ويا.

   عدالت ساجد جوکيو جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*