پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ملتان ۾ پوليس موبائل خدمت مرڪز جو افتتاح ڪري ڇڏيو

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ملتان ۾ پوليس موبائل خدمت مرڪز جو افتتاح ڪري ڇڏيو، عثمان بوزدار چيو آهي ته موبائل خدمت مرڪزن تي ڏوهن جو اطلاع ڏئي سگهجي ٿو.

پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ملتان پهتو، جتي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ملتان ۾ پوليس موبائل خدمت مرڪز جو افتتاح ڪيو.

پوليس موبائل خدمت مرڪز ۾ ڊرائيونگ لائسنس ۽ پوليس بابت خدمتون فراهم ڪيون وينديون.

ان موقعي تي عثمان بوزدار چيو ته موبائل خدمت مرڪزن تي ڏوهن جو اطلاع ڏئي سگهجي ٿو.

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته، ايف آءِ آر به جي ڪاپي به موجود هوندي، موبائل خدمت مرڪزن ذريعي عورتن خلاف تشدد بابت قانوني رهنمائي به ملي سگهندي.

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيوته، پوليس ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ انقلابي قدم کڻي رهيا آهيون……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*