جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ملڪ ۾ جيڪڏهن صحيح احتساب ٿئي ته ايوان ۾ ويٺل ماڻهن جي اڪثريت جيلن ۾ ملندي

جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ملڪ ۾ جيڪڏهن صحيح احتساب ٿئي ته ايوان ۾ ويٺل ماڻهن جي اڪثريت جيلن ۾ ملندي، مٺي ۾ الخدمت فائونڊيشن جي 50 بسترن تي مشتمل اسپتال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته حڪومت تجرباتي بنيادن تي هلائي پئي وڃي، جنهن کي سکڻ ۾ 5 سال لڳي ويندا.

 هن چيو ته هن وقت حڪومت جي ڪا به ڪارڪردگي نه آهي، جنهن تي ڳالهايو وڃي، 5 سالن بعد هن ملڪ جو ڪهڙو حشر هوندو، اهو الله ئي ڄاڻي ٿو.

هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جي طرف کان جيڪي چئلينجز سامهون آهن، انهن کي سٺي نموني سان منهن ڏنو پيو وڃي.

جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته ٿر جهڙي پٺتي پيل علائقي ۾ 50 بسترن وارو وڏو صحت مرڪز عوام لاءِ وڏو تحفو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*