راڌڻ ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ تي برسات ۽ گٽرن جو بيٺل پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ خلاف رانديگرن احتجاجي مظاهرو ڪيو

راڌڻ ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ تي برسات ۽ گٽرن جو بيٺل پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ خلاف رانديگرن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

رانديگرن آفتاب جانوري سجاد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ٽائون ڪميٽي کي ماهوار لکين رپيا فنڊ ملن ٿا، پرانتظاميا اسپورٽس گرائونڊ مان پاڻي ڪڍائڻ لاءِ تيار نه آهي.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته اسپورٽس گرائونڊ مان پاڻي نيڪال ڪرائي شهر ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*