لاڙڪاڻي ۾آبپاشي کاتي جي ملازمن چيف انجنيئر سکر بئراج خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو

لاڙڪاڻي ۾آبپاشي کاتي جي ملازمن چيف انجنيئر سکر بئراج خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو.

سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين متحده فيڊريشن جي سڏ تي نصرالله ابڙو، عبداللطيف، ابرار حسين ڀٽو ۽ ٻين ايريگيشن ڪمپليڪس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙ ملازمن چيو ته چيف انجنيئر سکر بئراج مقرريءَ شرط ئي رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته ننڍن ڪئنالن توڙي شاخن جي مرمت لاءِ ايندڙ ڪروڙين رپيا ملي ڀڳت ڪري هڙپ ڪيا ويندا آهن.

يف انجنيئر رفيق احمد ديدڙ چيو ته کيس بليڪ ميل ڪري پئسا گهريا پيا وڃن، رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾سندس خلاف احتجاج ڪيو ويو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*