سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل ڪيس جَي ٻن جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل ڪيس جَي ٻن جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، عدالت طرفان اي ٽي سي کي 6 مهينن ۾ ڪيس جو فيصلو ڏيڻ جو حڪم به جاري ڪيو ويو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي  جسٽس اقبال احمد مھر ۽ جسٽس ارشاد شاھ تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

مولانا ناصر محمود سومرو ۽ ٻيا به عدالت ۾ موجود هئا.

جوابدارن حنيف ڀٽو ۽ مشتاق مهر جي ضمانت واري درخواست بابت ڳالهائيندي وڪيل چيو ته اڳ به ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي، جنهن تي اعليٰ عدالت مقامي ڪورٽ کي ڇهن مهينن ۾ڪيس جو فيصلو ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.

جوابدارن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته اي ٽي سي ڇهه مهينا گذري وڃڻ باوجود ڪيس جو فيصلو نه ٻڌايو، سندن اصيلن کي ضمانت به نه ٿي ڏني وڃي.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪندي دهشتگردي ٽوڙ عدالت کي ڪيس جو فيصلو 6 مهينن ۾ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*