ڪانگريس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان لڳايل ايمرجنسي کي رد ڪري ڇڏيو

ڪانگريس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان لڳايل ايمرجنسي کي رد ڪري ڇڏيو، سينيٽ ۾ لڳايل ايمرجنسي خلاف 59 ۽ حمايت ۾ 41 ووٽ ڏنا ويا، حڪمران جماعت ري پبلڪن جي 12 ميمبرن به ايمرجنسي خلاف ووٽ ڏنو، ڊونلڊٽ ٽرم ويٽو جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.

آمريڪي سينيٽ ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان لڳايل ايمرجنسي بابت ووٽن ڪرائي وئي، جنهن جي حمايت ۾ 41 ووٽ ڏنا ويا، جڏهن ته ايمرجنسي خلاف 59 ووٽ وڌا ويا.

حڪمران جماعت ري پبلڪن جي 12 ميمبرن به ايمرجنسي خلاف ووٽ ڏنو، جڏهن ته ڪانگريس به به صدر ٽرمپ جي لڳايل ايمرجنسي کي رد ڪري ڇڏيو.

آمريڪي سينيٽ به سرحد تي ڀت جي اڏاوت بابت جاري ڪيل هنگامي پڌرائي کي رد ڪري ڇڏيو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به ويٽو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*