ڪاوڙ ڏيارڻ لاءِ مختلف حرڪتون ڪيون پيون وڃن پر مان ڪاوڙ ۾ نه ايندس، الطاف حسين

جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ کان پوءِ ايم ڪيو ايم سربراهه به اليڪشن ڪميشن کان پولنگ جو وقت وڌائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، الطاف حسين جو چوڻ آهي ته طاقت جو استعمال کين روڪي نه ٿو سگهي.

لنڊن مان جاري ڪيل بيان ۾ ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين چيو ته ڪاوڙ ڏيارڻ لاءِ مختلف حرڪتون ڪيون پيون وڃن پر هو ڪاوڙ ۾ نه ايندو.

هن چيو ته ووٽ جي بي حرمتي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي، لکين ماڻهن اڃا تائين ووٽ نه ڏنا آهن.

الطاف حسين چيو ته ڪيترن ئي ڪئمپن تي ووٽنگ جو عمل دير سان شروع ٿيو تنهنڪري وقت وڌايو وڃي.

هن چيو ته ساٿين ، مائرن ۽ ڀينرن جي دعا ساڻس گڏ آهي ۽ هو وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندا.

متحده سربراهه چيو ته الله پاڪ جي ڪرم سان هو عوام جي دلين ۾ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*