نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش جِي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ سڀاڻي کيڏي ويندڙ سيريز جي آخري ۽ ٽئين ٽيسٽ ميچ رد ڪئي وئي

ڪرائسٽ چرچ جي مسجد ۾ فائرنگ واري واقعي کانپوءِ نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش جِي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ سڀاڻي کيڏي ويندڙ سيريز جي آخري ۽ ٽئين ٽيسٽ ميچ رد ڪئي وئي آهي.

نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ جي علائقي ڊينز ايونيو جي مسجد ۾ حملو ڪندڙ جوابدار ان وقت فائرنگ ڪئي، جڏهن جمعي نماز جي ادائيگي لاءِ وڏي انگ ۾ ماڻهو موجود هئا، جڏهن ته بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر به نماز ادا ڪري رهيا هئا.

فائرنگ جي واقعي ۾بنگلاديشي ڪرڪيٽرز محفوظ رهيا، جنهن جي تصديق نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ به ڪئي آهي.

ڪيويز بورڊ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊز گڏيل رضامندي سان فيصلو ڪيو آهي ته سڀاڻي کيڏي ويندڙ هيگلي اوول ٽيسٽ رد ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*