وزيراعظم عمران خان اڄ باجوڙ جو دورو ڪري رهيو آهي

وزيراعظم عمران خان اڄ باجوڙ جو دورو ڪري رهيو آهي، وزيراعظم قبائلي اڳواڻن سان ملاقات ڪندو، وزيراعظم جي ترجمان موجب، فاٽا جي انضمام کانپوءِ وزيراعظم جو باجوڙ  جو هي پهريون دورو آهي، وزيراعظم جلسي کي خطاب ڪندو، وزيراعظم کي ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ به ڏني ويندي.

وزيراعظم عمران خان اڄ باجوڙ جو دورو ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

وزيراعظم جي ترجمان موجب، فاٽا جي انضمام کان پوءِ وزيراعظم عمران خان جو هي فاٽا جو پهريون دورو آهي.

ترجمان موجب، خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان، افتخار دراني، وفاقي ۽ صوبائي وزير وزيراعظم سان گڏ هوندا.

ترجمان موجب، وزيراعظم عمران خان باجوڙ ۾ عوامي اجتماع کي خطاب ڪندو، جڏهن ته عمران خان کي فاٽا سڌارن بابت اڳڀرائي تي بريفنگ به ڏني ويندي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*