اي ايس ايف جي اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڪارروائي، مسافر جي سامان مان آئس هيروئن هٿ ڪري ورتي

اي ايس ايف انٽرنيشنل ايئرپورٽ اسلام آباد تي ڪارروائي ڪندي سعودي عرب ويندڙ مسافر جي سامان مان آئس هيروئن هٿ ڪري ورتي، اي ايس ايف عملدارن موجب، جوابدار جاويد پرڏيهي ايئرلائن ڊبليو واءِ 346 ذريعي رياض وڃي رهيو هو.

اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي منشيات اسمگلنگ جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو آهي.

اي ايس ايف انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي سعودي عرب ويندڙ مسافر جي سامان جي تلاشي ورتي، جنهن مان آئس هيروئن هٿ ڪئي وئي.

اي ايس ايف عملدارن موجب، جوابدار جاويد پرڏيهي ايئرلائن ڊبليو واءِ 346 ذريعي رياض وڃي رهيو هو.

اي ايس ايف عملدارن موجب، جوابدار کي گرفتار ڪري اي اين ايف ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*