شيخ رشيد ايل اين جي ڪيس ۾ نيب راولپنڊي آڏو شاهد طور پيش ٿي ثبوت جمع ڪرائي ڇڏيا

ريلوي واري وفاقي شيخ رشيد ايل اين جي ڪيس ۾ نيب راولپنڊي آڏو شاهد طور پيش ٿي ثبوت جمع ڪرائي ڇڏيا، شيخ رشيد چيو آهي ته ايل اين جي اسڪينڊل ۾ شاهد خاقان عباسي جو اهم ڪردار آهي، هر قسم جو سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، بلاول ڀٽو زرداري کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته آئون وزارتن جو بکيو نه آهيان.

ريلوي واري وفاقي شيخ رشيد اڄ ايل اين جي ڪيس ۾ نيب راولپنڊي آڏو شاهد طور پيش ٿيو ۽  ثبوت جمع ڪرايا.

نيب راولپنڊي ۾ پيشي بعد شيخ رشيد چيو ته جيڪي ثبوت نيب آفيس ۾ جمع ڪرايا آهن، اهي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا هئا.

ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته ايل اين جي اسڪينڊل ۾ شاهد خاقان عباسي جو اهم ڪردار آهي، اهو تاثر ڏنو ويو ته هي معاهدو جيڪو ٻن ملڪن وچ ۾ ٿيو، اهو غلط آهي.

هن چيو ته ڄاڻي واڻي قطر سان مهانگي اگهن ۾ ايل اين جي جو معاهدو ڪيو ويو، جنهن سان قومي خزاني کي کربين روپين جو نقصان ٿيو آهي.

شيخ رشيد چيو ته، ملڪ کي بي رحمي سان لٽيو ويو، هاڻ اسان کي محنت ڪرڻي پئجي رهي آهي.

ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته، آئون ايل اين جي اسڪينڊل ۾ هر قسم جو سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

شيخ رشيد چيو ته بلاول ڀٽو مون تي تنقيد ڪري رهيو آهي، کيس ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته آئون وزارتن جو بکيو نه آهيان، آئون ٽوئيٽ نه ڪندو آهيان، جنهن ڏينهن ٽوئيٽ ڪيو ته بلاول تي ڪندس.

واضح رهي ته شيخ رشيد جي شڪايت تي نيب چيئرمين ايل اين جي ڪيس جي جاچ شروع ڪرائي هئي، جڏهن ته شيخ رشيد کي ثبوتن سان گڏ نيب راولپنڊي آفيس اچڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*