لڳي ٿو ته اين اي 246 تي ايم ڪيو ايم جو اميدوار ڪامياب ٿيندو، آغا سراج دراني

سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي لڳي ٿو ته اين اي 246 تڪ تي ايم ڪيو ايم اميدوار ڪامياب ٿيندو، سنڌ ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ پ پ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ماڻيندي.

 مديجي ۾ راهوجا برادري جي معزز شخصيت امتياز علي راهوجو جي جناز نماز ۾ شرڪت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي  آغا سراج دراني چيو ته ڪراچي جي تڪ اين اي 246 تي دلچسپ مقابلو ٿيو آهي.

آغا سراج دراني چيو ته  سندس خيال آهي ته عزيز آباد جي تڪ اين اي 246 تي ننڍي چونڊ دوران ايم ڪيو ايم جو اميدوار ڪامياب ٿيندو.

هن چيو ته پيپلزپارٽي هميشا سنڌ جي غريب عوام جي خدمت ڪئي آهي، ايندڙ بلدياني چونڊن ۾ پيپلزپارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي.

آغاسراج دراني چيو جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڳڙهي ياسين تعلقي اندر قبيلائي جهيڙا ختم ڪرائي نوجوانن کي روزگار ڏنو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*