پلواما حملي جو تعلق ڀارت جي اندروني سياست سان آهي، اسد عمر

ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي، سي پيڪ سبب پاڪ چين لاڳاپا وڌيڪ مستحق ٿيا آهن، پلواما حملي جو تعلق ڀارت جي اندروني سياست سان آهي، گذريل ٻن ڏهاڪن کان پاڪستان کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي.

هن چيو ته، سي پيڪ سبب پاڪ چين لاڳاپا وڌيڪ مستحق ٿيا آهن، پاڪستان تاريخي لحاظ سان به اهم مقام رکي ٿو.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته، پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا به بهتر آهن.

هن چيو ته، پلواما حملي جو تعلق ڀارت جي اندروني سياست سان آهي، گذريل ٻن ڏهاڪن کان پاڪستان کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

اسد عمر چيو ته ڀارت جي حملي پاڪستان ثابت ڪيو ته پاڪستان پنهنجو دفاع ڪري سگهي ٿو.

هن چيو ته وزيراعظم عمران خان چيو هو ته اوهان هڪ قدم اڳتي وڌائيندو، اسان ٻه قدم اڳتي وڌايئنداسين.

ناڻي وارو وفاقي وزير اسد عمر چيو ته، پاڪستان سمورن ملڪن سان امن چاهي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*