پاڪستان نيوزيلينڊ ۾ ڪرائسٽ چرچ جي مسجدن تي ٿيل حملي جي مذمت ڪري ڇڏي

پاڪستان نيوزيلينڊ ۾ ٻن مسجدن ۾ ٿيل حملي جي مذمت ڪري ڇڏي، وزيراعظم عمران خان حملي جي مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن جو ڪو به مذهب نه هوندو، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري  چيو ته دهشتگردي هڪ ناسور آهي، جنهن کي ختم ڪرڻو پوندو.

نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ ٿيل حملي جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

پاڪستان نيوزيلينڊ ۾ ڪرائسٽ چرچ جي مسجد تي ٿيل حملي جي مذمت ڪندي حملي کي انتهائي افسوسناڪ واقعو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

وزيراعظم عمران خان به پنهنجي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ حملن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته نيوزيلينڊ ۾ ٿيل حملن پٺيان نائن اليون کانپوءِ پکڙيل اسلامو فوبيا  آهي. جنهن تحت دهشتگردي جي هر واردات جو ذميوار مجموعي طور مسلمانن کي قرار ڏيڻ وارو سلسلو جاري رهيو.

وزيراعظم چيو ته اهو حربو مسلمانن جي جائز سياسي جدوجهد کي نقصان پهچائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي.

عمران خان چيو ته ڪرائسٽ چرچ ۾ مسجد تي دهشتگرد حملو انتهائي تڪليف پهچائيندڙ ۽ مذمت جوڳو آهي.

وزيراعظم چيو ته حملو اسان جي ان موقف جي تصديق ڪري ٿو ته دهشتگردي جو ڪو به مذهب نه آهي، اسان جون همدرديون ۽ دعائون متاثرن جي وارثن سان گڏ آهن.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي مسجد تي ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.

صادق سنجراڻي چيو ته دهشتگردي جتي به ٿيندي، ان جي پورٽ مذمت  ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته دهشتگردن جو ڪو به مذهب نه هوندو آهي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به نيوزيلينڊ ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو ته سڄي دنيا کي دهشتگردي خلاف هڪ پيج تي اچڻو پوندو.

آصف علي زرداري چيو ته دهشتگردي هڪ ناسو آهي، هن ناسور کي ختم ڪرڻو پوندو، حڪوتم نيوزيلينڊ ۾ ترسيل پاڪستانين سان رابطوڪري.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر به حملي جي مزتم ڪندي چيو ته ڪرائسٽ چرچ ۾ مسجدن اندر ٿيل حملي تي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيوته پاڪستان هن ڏک جي گهڙي ۾ نيوزيلينڊ جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگردن جو ڪو به مذهب نه هوندو آهي.

اسد قيصر چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ هن ڏک جي گهڙي ۾ متاثرن جي وارثن سان ڏک ۾  برابر جو شريڪ آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪرائسٽ چرچ جي مسجد تي ٿيل حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي.

ترجمان موجب، پاڪستاني عوام ڏک جي هن گهڙي ۾ نيوزيلينڊ جي عوام سان گڏ آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي حملي ۾ معصوم ماڻهن جون حياتيون زيان ٿيندي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب،  پاڪستاني هاءِ ڪمشنر مقامي انتظاميا سان رابطي ۾ آهيون ۽ هاءِ ڪميشن ذريعي حملي جي معلومات حاصل ڪري رهيا آهيون.

پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته ڪرائسٽ چرچ جي ٻن مسجدن ۾ فائرنگ جي خبر ٻڌي  مون کي تمام گهڻو صدمو پهتو آهي.

فواد چوڌري چي ته پاڪستاني قوم جون دعائون نيوزيلنڊ ۽ بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم  جا رانديگر حملي ۾ محفوظ رهيا.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي به ڪجهه سال اڳ اهڙي قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو هو ۽ اسان  ان کي محسوس ڪري سگهون ٿا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*