ڪرائسٽ چرچ ۾ ٻن مسجدن تي ٿيل حملو دهشتگردي کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي، جيسنڊا آرڊرن

نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن چيو آهي ته ڪرائسٽ چرچ ۾ ٻن مسجدن تي ٿيل حملو دهشتگردي کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي، انهن حملن ۾ 40 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، اڄ جو ڏينهن نيوزيلينڊ جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، پوليس موجب، هڪ عورت سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي، جنهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

نيوزيلينڊ پوليس موجب، نيوزيلنڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ جي ٻن مسجدن النور ۽ لينوڊ ۾ فوجي وردي پهريل 28 ورهين جي آسٽريلوي شهري فام برينٽن ٽيرنٽ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 40 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪرائسٽ چرچ جي مقامي وقت موجب هڪ لڳي 40 منٽن تي هٿياربندن مسجد ۾ داخل ٿيندي فائرنگ ڪري ڏني ۽ لائيو ويڊيو به ٺاهيندو رهيو.

اطلاع کانپوءِ پوليس حملي آور کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ  آسٽريلوي شهري طور ٿي.

حملي کانپوءِ انتظاميا پاران شهر جي ٻين مسجدن کي خالي ڪرايو  ويو، جڏهن ته اسڪول، چرچ ۽ آفيسون به بند ڪرايون ويون، جڏهن ته شهرين کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي.

ٻئي طرف ڪرائسٽ چرچ اسپتال جي ترجمان چيو آهي ته اسپتال ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جا لاش آندا ويا آهن، جنهن جو انگ ٻڌائي نه ٿو سگهان.

پوليس موجب، ڪارروائي دوران حملي ۾ ملوث هئڻ جي شڪ تي هڪ عورت سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي، جن کي پڇا ڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جسينڊا آرڊرن ميڊيا کي واقعي بابت بريفنگ دوران تصديق ڪئي ته مسجدن تي باقاعدا منصوبابندي سان حملا ڪيا ويا، جيڪي رڳو دهشتگردي آهن.

نيوزيلينڊ جي وزيراعظم چيو ته حملي ۾ 40 شهري مارجي ويا ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. شهرين کان درخواست آهي ته سيڪيورٽي ادارن جي هدايتن تي عمل ڪن.

نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جو چوڻ هو ته ٽن ڄڻن گرفتار ڪيو ويو آهي جن کان پڇاڳاڇا جاري آهي، جڏهن ته مسجد تي حملو ڪندڙ دهشتگرد جو نالو واچ لسٽ ۾ شامل نه هيو.

جسينڊا آرڊرن چيو ته اڄوڪو ڏينهن نيوزيلينڊ جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ان عزم جو اظهار ڪيون ٿا ته ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

آسٽريلوي وزيراعظم هٿياربند شخص جي آسٽريلوي شهري هئڻ جي تصديق ڪندي چيو ته جوابدار ساڄي ڌر سان واسطو رکندڙ انتها پسند ۽ پر تشدد دهشتگرد آهي، جنهن مسجد تي فائرنگ ڪري ڪيترن ئي بي ڏوهه انسانن کان حياتيون کسي ورتيون .

هوڏانهن پاڪستاني هاءِ ڪمشنر چيو آهي ته فائرنگ جي واقعي ۾ ڪو به پاڪستاني زخمي نه ٿيو آهي.

اکين ڏٺن شاهدن موجب وردي پهريل شخص مسجد ۾ داخل ٿي مشين گن سان فائرنگ ڪئي ۽ حملي وقت هٿياربند پنهنجي هيلمٽ ۾ لڳل ڪئميرا ذريعي فائرنگ جي لائيو اسٽريمنگ به ڪندو رهيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*