سپريم ڪورٽ سکر پريس ڪلب واري ڪيس ۾ انتظاميا ۽ ميئر سکر کي هڪ مهيني ۾ معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ سکر پريس ڪلب واري ڪيس ۾ انتظاميا، ميئر سکر ۽ ڊپٽي ڪمشنر سکر کي هڪ مهيني ۾ معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته سکر شهر کي ڪچري جو ڍير بڻايو يو آهي، مون سڄو شهر پنڌ گهميو آهي، اتي نه بجلي آهي ۽ نه ڪي سهولتون آهن،  ڊپٽي ڪمشنر ۽ ميئر جو ڪم سکر جي شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ آهي.

جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ سکر پريس ڪلب جي عمارت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ميئر سکر عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته پرس ڪلب کي ڪير ڪيرائڻ چاهي ٿو، جنهن تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪري رهيا آهيون.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته پارڪ جي اندر پريس ڪلب ڪيئن ٺاهيو ويو، سمورو رڪارڊ ڏيکاريو. جنهن تي ميئر سکر چيو ته هاءِ ڪورٽ پارڪس جون اڏاوتون ختم ڪرائڻ لاءِ حڪم ڏنو آهي.

جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته پارڪس ۾ جهولا به غيرمعياري لڳايا ويا آهن، سڄي دنيا مان غيرمعياري جولا ڳولي هتي آندا ويندا آهن.

جسٽس گلزار احمد چيو ته جهولا ڪرڻ سبب ٻارڙا فوت ٿي ويندا آهن، عسڪري پارڪ ۾ به اهڙي قسم جو واقعو پيش اچي چڪو آهي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇا ڪئي ته هاڻ سنڌ حڪومت ڇا ٿي چاهي، جنهن تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته پارڪ جي زمين هئي، جنهن سبب پريس ختم ڪري رهيا آهيون.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پريس ڪلب به عوامي جاءِ هوندي آهي، ڪو شادي هال ته نه ٺاهيو آهي نه ، انهن کي ڪا به متبادل جاءِ فراهم ڪيو.

جسٽس اعجازالاحسن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب اوهان تجويزون ڏيو،جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر سکر چيو ته پريس ڪلب وارن پنج جڳهن جي چونڊ ڪئي آهي پر اسان اهي نه ٿا ڏئي سگهون، ڇاڪاڻ ته جم خانه سميت اهم عمارتون انهن هنڌن تي ٺهيل آهي.

جسٽس اعجاز الاحسن پڇا ڪئي ته ايترو وڏو شهر آهي، ڇا ڪا به جڳهه خالي نه آهي، جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر سکر چيو ته اسان شهر کان ٻاهران زمين ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

جسٽس گلزار احمد چيو ته سکر شهر کي ڪچري جو ڍير بڻايو يو آهي، مون سڄو شهر پنڌ گهميو آهي، اتي نه بجلي آهي ۽ نه ڪي سهولتون آهن،  ڊپٽي ڪمشنر ۽ ميئر جو ڪم سکر جي شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ آهي.

سپريم ڪورٽ سکر پريس ڪلب واري ڪيس ۾ انتظاميا، ميئر سکر ۽ ڊپٽي ڪمشنر سکر کي هڪ مهيني ۾ معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*