ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

پيپلز پارٽي جي ناراض اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالقفار مرزا تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، سندس چوڻ آهي ته  کيس ڪجهه به ٿيو ته ذميوار  آصف زرداري ۽ الطاف حسين هوندا .

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ سرڪار کائنس سڪيورٽي واپس ورتي آهي، سندس حياتي کي خطرو آهي.

درخواست ۾ چيو ويو ته کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا درخواست ۾ چيو ته هو گهرو وزير رهيو آهي تنهنڪري پابندي پيل تنظمين، ڌاڙيلن ۽ ٻين ڏوهارين کان خطرو آهي.

هن چيو ته وسيم احمد، رئوف صديقي ۽ فريال ٽالپر وٽ اضافي سڪيورٽي آهي.

ذوالفقار مرزا درخواست ۾ چيو ته هن وقت فريال ٽالپر وٽ اڍائي سئو اهلڪار آهن جڏهن ته اڳوڻي اسپيڪر ۽ وقتي صدر رهندڙ  فهميده مرزا کان سڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن کيس ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميوار آصف زرداري ۽ الطاف حسين هوندو.

ذوالفقار مرزا درخواست ۾ چيو ته سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي کي حڪم جاري ڪيو وڃي ته کيس سڪيورٽي فراهم ڪئي  وڃي.

Comments

  1. malik
    malik 24 April, 2015, 05:12

    Great access to sindh and sindhi news

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*