نيوزيلينڊ ۾ مسجدن تي دهشتگرد جي حملي ۾ بنگلاديشي ڪرڪيٽ رانديگر معجزاڻي  طور محفوظ رهيا

نيوزيلينڊ ۾ مسجدن تي دهشتگرد جي حملي ۾ بنگلاديشي ڪرڪيٽ رانديگر معجزاڻي  طور محفوظ رهيا، جنهن بعد ڪرڪيٽرز جي بيانن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، شاهد آفريدي چيو ته ڪرائسٽ چرچ ۾ ڏکوئيندڙ واقعي پيش آيو، مان سدائين نيوزيلينڊ کي محفوظ ترين، پرامن ۽ دوست ملڪ طور ڏٺو آهي، ثناءُ مير چيو آهي ته اهڙن واقعن ۾ ملوث ماڻهو ڪنهن به ملڪ يا مذهب جي نمائندگي ناهن ڪندا، اهي رڳو خوف پکڙيندا آهن.

نيوزيلينڊ جي ٻن مسجدن ۾ فائرنگ سبب 40 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي آهن جڏهن ته دوري تي موجود بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم معجزاڻي طور بچي وئي. جنهن بعد مختلف ملڪن جي ڪرڪيٽرن طرفان بيان اچڻ جو سلسلو جاري آهي.

دهشتگرد حملي ۾محفوظ رهندڙ بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مشفيق الرحيم پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته ڪرائسٽ چرچ جي مسجد ۾ فائرنگ ٿي، الله جي شڪر سان اسان محفوظ آهيون، اسان تمام گهڻو خوش نصيب آهيون، ٻيهر اهڙي صورتحال نٿا ڏسڻ چاهيون. اسان لاءِ دعا ڪيو.

بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان تميم اقبال چيو ته سموري ٽيم حملي ۾ محفوظ آهي، اسان کي دعائن ياد رکيو وڃي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو ته ڪرائسٽ چرچ ۾ ڏکوئيندڙ واقعي پيش آيو، مان سدائين نيوزيلينڊ کي محفوظ ترين، پرامن ۽ دوست ملڪ طور ڏٺو آهي.

شاهد آفريدي چيو ته واقعي کان پوءِ تميم اقبال سان رابطو ڪيو آهي ۽ بنگلاديشي ڪرڪيٽرن جي محفوظ رهڻ تي اطمينان محسوس ڪري رهيا آهيون.

شاهد آفريدي چيو ته، نفرتون ختم ڪري دنيا کي هڪ ٿيڻو پوندو ، دهشتگرد جو ڪو به مذمب ناهي.

شعيب اختر چيو ته ڪرائسٽ چرچ جي مسجد اندر فائرنگ جي ويڊيو ڏسي وڏو صدمو رسيو آهي، ڇا اسان عبادت گاهن ۾ به محفوظ ناهيون.

پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ بالر  چيو ته، آئون دهشتگرد حملي جي مذمت ڪيان ٿو، خوشي آهي ته بنگلاديشي ڪرڪيٽر محفوظ آهن.

اڳوڻي سريلنڪن ڪپتان ڪمار سنگاڪارا سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ڪرائسٽ چرچ ۾ فائرنگ جو ٻڌي صدمو پهتو آهي، منهنجون سموريون همدرديون متاثر ڪٽنبن سان گڏ آهن.

سريلنڪا جي اڳوڻي ڪپتان مهيلا جي ورڌني  ڪراسٽ چرچ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته منهنجون دعائون متاثر خاندانن سان گڏ آهن.

پاڪستان وومين ڪرڪيٽ جي اڳوڻي ڪپتان ثناءُ مير چيو آهي ته اهڙن واقعن ۾ ملوث ماڻهو ڪنهن به ملڪ يا مذهب جي نمائندگي ناهن ڪندا، اهي رڳو خوف پکڙيندا آهن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*