شيخ رشيد بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته  بلاول ڀٽو زرداري پيءُ جي چوڻ تي ڀڀڪيون هڻڻ بدران سياست ڪري

شيخ رشيد بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته  بلاول ڀٽو زرداري پيءُ جي چوڻ تي ڀڀڪيون هڻڻ بدران سياست ڪري ، ملڪ ۾ بحران جو سبب چور ۽ ڦورو آهن، پيپلز پارٽي وارا ڪيس ڪراچي ۾ هلائڻ ۽ نواز ليگ وارا چاهين ٿا ته سندن ڪيس لاهور ۾ هلن.

ڪراچي پهچڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته هو اعتزاز احسن ۽ مولا بخش چانڊيو جي عزت ڪري ٿو پر ان جو مطلب اهو ناهي ته بلاول ڀٽو زرداري ڀڀڪيون هڻندو وتي، بلاول پيءُ جي چوڻ تي هلڻ بدران سياست ڪري ته سندس لاءِ بهتر آهي.

ريلوي واري وزير چيو ته ملڪ ۾ بحران جو ڪارڻ چور ۽ ڦورو آهن، پيپلز پارٽي وارا ڪيس ڪراچي ۾ ۽ نواز ليگ وارا وري چاهين ٿا ته سندن ڪيس لاهور ۾ ئي هلن.

شيخ رشيد چيو ته ايم ڪيو ايم حڪومت جو حصو آهي ۽ هو اميد ٿو ڪري ته ايم ڪيو ايم پنهنجي ذميواري نڀائيندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*