پنجاب جي علائقي بهاولنگر ۾ فورٽ عباس ويجهو مسافر بس ۽ قيدين کي کڻي ويندر گاڏي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا

پنجاب جي علائقي بهاولنگر ۾ فورٽ عباس ويجهو مسافر بس ۽ قيدين کي کڻي ويندر گاڏي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

فورٽ عباس واري علائقي ۾ چڪ شهباز والا ويجهو مسافر بس ۽ قيدين کي کڻي ويندڙ گاڏي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي رضاڪارن پهچي فوت ٿي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي فورٽ عباس ۽ ويجهي وارين اسپتالن ۾ منتقل ڪيو.

ريسڪيو ذريعن موجب، زخمين  مان ڇهن ڄڻن جي  هالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

ريسڪيو ذريعن موجب، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي، جڏهن ته زخمين ۾ عورت ۽ ٻار به شامل آهن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*