وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي باجوڙ پهچي ويو

وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي باجوڙ پهچي ويو، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته صحت ڪارڊ غريب ماڻهن لاءِ وڏي نعمت آهي، اڳ فاٽا کي نوگو ايريا سڏيو ويندو هو، هاڻي قبائلي علائقن ۾ ترقي جو ڄار وڇايو ويو آهي.

وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي باجوڙ پهچي ويو آهي، وزيراعظم عمران خان جلسي کي به خطاب ڪندو.

مهمند ۾ ڳالهائيندي عمران خان چيو ته صحت ڪارڊ غريب ماڻهن لاءِ وڏي نعمت آهي، صحت ڪارڊ سان 7 لک 20 هزار رپين تائين علاج ڪرائي سگهجي ٿو.

وزيراعظم چيو ته، قبائلي علائقن ۾ اسلامي روايتن کي برقرار رکندي ترقي ڪنداسين، مهمند ۾ سياحت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.

عمران خان چيو ته، مهمند ڊيم سان هن علائقي کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو،  سمورا معاملا قبائلي عوام سان مشاورت ڪرڻ بعد طئي ٿيندا.

وزيراعظم چيو ته، اڳ فاٽا کي نوگو ايريا سڏيو ويندو هو، هاڻي قبائلي علائقن ۾ ترقي جو ڄار وڇايو ويو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*