ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي

ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي، سي پيڪ سبب پاڪ چين لاڳاپا وڌيڪ مستحق ٿيا آهن، پلواما حملي جو تعلق ڀارت جي اندروني سياست سان آهي، گذريل ٻن ڏهاڪن کان پاڪستان کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي.

هن چيو ته، سي پيڪ سبب پاڪ چين لاڳاپا وڌيڪ مستحق ٿيا آهن، پاڪستان تاريخي لحاظ سان به اهم مقام رکي ٿو.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته، پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا به بهتر آهن.

هن چيو ته، پلواما حملي جو تعلق ڀارت جي اندروني سياست سان آهي، گذريل ٻن ڏهاڪن کان پاڪستان کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

اسد عمر چيو ته ڀارت جي حملي پاڪستان ثابت ڪيو ته پاڪستان پنهنجو دفاع ڪري سگهي ٿو.

هن چيو ته وزيراعظم عمران خان چيو هو ته اوهان هڪ قدم اڳتي وڌائيندو، اسان ٻه قدم اڳتي وڌايئنداسين.

اسد عمر چيو ته آءِ ايم ايف سان قرض جي رقم اڃا طئي نه ٿي آهي، آءِ ايم ايف جو مشن چيف 26 ۽ ايشيا پيسفڪ جو وفد 25 مارچ تي پاڪستان اچي رهيو آهي

هن چيو ته اسان افغانستان سان امن چاهيون ٿا ۽ پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي،  پاڪستان کي نه رڳو دنيا سان جوڙڻ چاهيون ٿا پر ٻئي دنيا سان واپاري لاڳاپا به قائم ڪرڻ چاهيون ٿا.

اسدد عمر چيو ته ته چين سان لانگ ٽرم واپاري لاڳاپا قائم ڪيا آهن، ترڪي سان به ٽريڊ فريم ورڪ طئي ڪيو ويو، جڏهن ته افغانستان سان به لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن پر ايران سان بدقسمتي سان واپار نه وڌيو آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته، ايران ۽ افغانستان کي علائقي ترقي جي پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جي حق ۾ آهيون…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*