لاڙڪاڻي ۾ پرائمري استادن جي ڀرتي لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

لاڙڪاڻي ۾ پرائمري استادن جي ڀرتي لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 اميدوارن آفر آرڊر جاري نه ٿيڻ خلاف 145 هين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

 ان موقعي تي اميدوارن علي ڏنو گاد، ساجد قريشي، ۽ ٻين چيو ته اسان جا معصوم ٻچڙا بک ۽ بدحالي واري زندگي گذاري رهيا آهن، پر حڪمرانن جي ڪنن تي جونءِ به نه پئي چُري.

هنن چيو ته سال 2009ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ذريعي تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچرز جي ڀرتين لاءِ ٽيسٽ ڏيڻ بعد اسان جا نالا ويٽنگ لسٽ ۾ ڏئي رڳو آسرا ڏنا ويا.

اميدوارن سنڌ جي وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر جاري ڪري انصاف ڪيو وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*