پشاور زلمي اسلام آباد يونائيٽيڊ کي شڪست ڏئي مسلسل ٽيون ڀيرو فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي

پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جـَي ٻي ايليمينٽر ۾ پشاور زلمي اسلام آباد يونائيٽيڊ کي شڪست ڏئي مسلسل ٽيون ڀيرو فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي، زلمي جو مقابلو سڀاڻي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز سان ٿيندو.

نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان محمد سميع ٽاس کٽي پشاور زلمي کي بيٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني.

پشاور زلمي پاران اننگ جي شروعات ڪامران اڪمل ۽ امام الحق ڪئي، ٻنهي ٽيم کي شاندار شروعات فراهم ڪئي.

زلمي جي پهرين وڪيٽ هڪ سئو 35 جي مجموعي اسڪور تي ڪِري، جڏهن امام الحق 58 رنز ٺاهي ڪيمرون ڊيلپورٽ جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ڪامران اڪمل به 74 رنز ٺاهي ڊيلپورٽ جو شڪار ٿيو.

پشاور زلمي مقرر ويهن اوورز ۾ پنجن وڪيٽن جي نقصان تي 2 سئو چوڏنهن رنز ٺاهيون، زلمي پاران پولارڊ 37 ۽ ڊيرن سيمي به 30 رنز جي شاندار اننگ کيڏي.

اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڊيلپورٽ ٻن ۽ شاداب خان هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.

پشاور زلمي جي 2 سئو 15 رنز جي هدف جي تعاقب ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ پاران اننگ جي شروعات ليوڪ رونڪي ۽ ڊيلپورٽ ڪئي، 24 رنز جي مجموعي اسڪور تي ليوڪ رونڪي 17رنز ٺاهي حسن علي جو شڪار ٿيو، جڏهن ته اليڪِس هيلز به هڪ رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو.

ٽئين وڪيٽ تي ڊيلپورٽ ۽ والٽن مزاحمت جي ڪوشش ڪئي پر 86 رنز جي مجموعي اسڪور تي ڊيلپورٽ به 28 رنز ٺاهي حسن علي جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.

اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم 20 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي هڪ سئو 66 رنز ٺاهي سگهي ۽ کين 48 رنز تان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو.

پشاور زلمي پاران حسن علي ۽ جورڊن ٽن ٽن رانديگرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو، جڏهن ته ملز، وهاب رياض ۽ پولارڊ جي حصي ۾ هڪ هڪ وڪيٽ آئي.

پشاور زلمي ايليمينٽر ميچ ۾ ڪاميابي کانپوءِ ٽيون ڀيرو پي ايس ايل جي فائنل ۾ پهچي وئي آهي، سڀاڻي ڪوئيٽا ۽ پشاور زلمي ۾ فائنل دنگل ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*