جيڪڏهن نواز شريف کي ڪجهه ٿيو ته ذميواري عمران نيازي تي هوندي، شهباز شريف

مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن نواز شريف کي ڪجهه ٿيو ته ذميواري عمران نيازي تي هوندي.

لاهور ۾ احتساب عدالت آڏو ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته 3 ڀيرا وزراعظم رهندڙ نواز شريف جي پنج ڀيرا اوپن هارٽ سرجري ٿي چڪي آهي، ان کان علاوه نواز شريف بلڊ پريشر ۽ شگر جو به مريض آهي.

هن چيو ته نواز شريف جي جيل ۾ طبيعت ٺيڪ ناهي، حڪومت سندس صحت واري معاملي کي سنجيدگي سان نه وٺي رهي آهي ۽ بدترين غفلت جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن نواز شريف کي ڪجهه ٿيو ته ذميواري عمران نيازي تي هوندي.

شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت موجوده وڏي وزير لاءِ جيڪي مراعتون منظور ڪيون آهن، اهي سمجهه کان ٻاهر آهن، هُن پنهنجي وڏ وزارت دوران 10 سالن ۾ هڪ ڏينهن جي به پگهار نه ورتي

 هن چيو ته وڏ وزارت جي دور ۾ نه ئي سرڪاري مراعتون ورتيون ۽ نه ئي سرڪاري دورا ڪيا، پنهنجا سمورا خرچ پاڻ ڪيا، وڏي وزير طور علاج لاءِ ڪنهن به قسم جون سرڪاري مراعتون نه ورتيون ۽ طبي خرچ به پاڻ ادا ڪيا، جڏهن ته 10 سالن تائين پنهنجي ذاتي گاڏي استعمال ڪندو رهيس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*