چنيوٽ ۾ هڪ شخص مبينا طور پنهنجي زال ۽ ٽن ٻارن کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو

پنجاب جي علائقي  چنيوٽ ۾ هڪ شخص مبينا طور پنهنجي زال ۽ ٽن ٻارن کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار گهرو اڻبڻت تان زال ۽ ٻارن کي سيني ۾ گوليون هڻڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪيو.

چنيوٽ جي سٽي ٿاڻي پوليس کي راءِ چند واري علائقي ۾ صبح سوير اعجاز نالي شخص جي گهر ۾ فائرنگ جو اطلاع مليو.

پوليس موجب گهر ۾ پهچڻ تي گهر ڌڻي 32 ورهين جي اعجاز، سندس گهرواري روبينا، پنجن سالن جي پٽ ابوبڪر، چئن سالن جي تحريم ۽ ٽن سالن جي مرتضين مئل حالت ۾ مليون،  جن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان مليل ثبوتن ۽ گهر ڀاتين جي بيانن جي روشني ۾ ڪيل جاچ مان خبر پئي آهي ته گهر ڌڻي اعجاز گهرو اڻبڻت تان زال ۽ ٻارن کي سيني۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ بعد ۾ پنهنجي زندگي جو به انت آندو.

علائقي واسين موجب گهر ڌڻي اعجاز ۽ سندس گهرواري ۾ اڪثر جهيڙو هلندڙ هو، صبح سوير گهر ۾ فائرنگ جو آواز ٻڌڻ کانپوءِ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*