پشاور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مشال قتل ڪيس جي آخري چئن جوابدارن جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو

پشاور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مشال قتل ڪيس جي آخري چئن جوابدارن جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو، هاڻي فيصلو 21 مارچ تي ٻڌيو ويندو.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت عبدالولي خان يونيورسٽي مردان جي شاگرد مشال خان قتل ڪيس جو فيصلو 12 مارچ تي محفوظ ڪيو هو، جيڪو اڄ ٻڌائڻو هو.

 عدالت آڏو سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا پر عدالت فيصلو ملتوي ڪندي 21 مارچ جي نئين تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي.

ڪيس ۾ هيل تائين چئن مک جوابدارن خلاف مجموعي طور تي 46شاهدن بيان رڪارڊ ڪرايا آهن.

ياد رهي ته پشاور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مشال خان قتل ڪيس جي ٻن جوابدارن جي ضمانت رد ۽ هڪ جي ڪالعدم قرار ڏئي چڪي آهي، جن ۾ مک جوابدار اسد به شامل آهي.

پوليس موجب ٻين جوابدارن صابر، مايار، اظهار الله عرف جوني ۽ اسد ڪيس جو فيصلو سامهون اچڻ تي پاڻ گرفتاري ڏئي ڇڏي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*