ڪوئيٽا سميت بلوچستان جـَي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

ڪوئيٽا سميت بلوچستان جـَي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، شروعاتي طور تي زلزلي جي نتيجي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.

موسميات کاتي موجب بولان، سبي ۽ مستونگ سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي پنج ڏهائي رڪارڊ ڪئي وئي.

زلزلي جو مرڪز سبي کان 43 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي اتر اولهه هو، زلزلي جـَي لوڏن سبب عوام ۾ خوف ڇائنجي ويو ۽ ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.

شروعاتي طور تي زلزلي جي نتيجي ۾ ڪنهن به جاني نقصان توڙي مالي نقصان جا اطلاع ناهن مليا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*