زندگي مڪافات جو عمل آهي، اوهان اهو ئي لڻندئو، جيڪو پوکيل هوندو، مريم نواز شريف

مسلم ليگ ن جـِي اڳواڻ مريم نواز والد نواز شريف سان جيل ۾ ملاقات جـِي اجازت نه ملڻ تي مايوسيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته زندگي مڪافات جو عمل آهي، اوهان اهو ئي لڻندئو، جيڪو پوکيل هوندو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام مريم نواز چيو ته سندس والد جي طبيعت ٺيڪ ناهي، کائنس ملڻ جي خواهش هئي، پر کيس ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي.

هن چيو ته بيوس آهيان، ڇو ته ملاقات ڪرائڻ جي اجازت سڌيءَ ريت پنجاب حڪومت ڏيندي آهي، ان ڪري هوءَ بيوس آهي.

مريم نواز حڪمرانن کي مخاطب ڪندي چيو ته زندگي مڪافات جو عمل آهي، اوهان اهو ئي لڻندئو، جيڪو پوکيل هوندو.

واضح رهي ته ڪوٽ لکپت جيل ۾ مسلم ليگ نُون جي قائد ميان نواز شريف جي طبيعت ٺيڪ ناهي پر هو مسلسل علاج کان انڪاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*